سچل سرمست جو ڪلام

سچل سرمست جو ڪلام

سچل سرمست جو ڪلام

سچل سرمست جو ڪلام (ڪتاب): ’سچل سرمست جو ڪلام‘ عنوان وارو هيءُ ڪتاب، مشهور محقق، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ، ساهتيه اڪادمي نئين دهليءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جون پهريون ڇاپو، 1995ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1997ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ابتدائي عنوانن جي فهرست هن ريت آهي: تصوف، (2) ڌڻيءَ در وينتي: نماڻو فقير، (3) سچل سرمست جي شاعري: موتيلال جوتواڻي، (4) حيات سرمست: علي اڪبر درازي. ان کانپوءِ سچل سرمست جي شاعري هيٺين عنوانن هيٺ ڏني وئي آهي: وحدت نامو: ڪافيون (الف- ب وار فهرست ۽ متن)، بيت (سُر وار)، جهولڻا، ابيات متفرقه ۽ سرءُ نامو. آخر ۾ صوفي اصطلاح، معنيٰ ۽ شرح ڏني وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 520 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ سچل سرمست جو ڪلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو